علي قاضي

علي قاضي

علي قاضي

علي قاضي: مشهور صحافي، تجزيي نگار، ڪاوش ڪي ٽي اين گروپ جي مالڪ، ليکڪ ۽ سياستدان علي قاضيءَ جو پورو نالو محمد علي قاضي آهي. سندس جنم 1968ع ڌاري حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس والد محمد اڪبر قاضي، سنڌ جو اڳوڻو گهرو وزير ۽ نامور صحافي ٿي گذريو آهي. علي قاضي عملي صحافت جو آغاز 21 سالن جي ڄمار کان ڪيو. 1990ع ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ اسلم اڪبر قاضي سان گڏجي ‘روزاني ڪاوش’ حيدرآباد جو بنياد وڌائين، جنهن جو پاڻ ايڊيٽر مقرر ٿيو. هن ڪاوش گروپ جي پليٽ فارم تان روزاني اخبار ‘خادم وطن’ حيدرآباد، روزاني ‘ڪوشش’ حيدرآباد ۽ روزاني ‘شام’ حيدرآباد پڻ جاري ڪيون، جيڪي سنڌي صحافت جون مشهور اخبارون آهن. اڳتي هلي علي قاضيءَ 01 آڪٽوبر 2002ع تي دنيا جي پهرئين سنڌي سيٽلائٽ چينل ‘ڪي. ٽي. اين’ شروع ڪيو، جنهن جو پاڻ سي. اي. او مقرر ٿيو. سنڌي چينل ‘ڪي ٽي اين’ جي نشر ٿيڻ سان اردو چينلن جي نه رڳو هڪ هٽي ختم ٿي، بلڪه سنڌي ٻوليءَ کي عالمي پذيرائي پڻ ملي. شروع ۾ ڪي. ٽي. اين جي نشريات ڪجهه ڪلاڪن تائين محدود هئي. هڪ سال بعد 01 آڪٽوبر 2003ع کان هن چينل تي 24 ڪلاڪن جي نشريات جو باقاعدي آغاز ٿيو. بعد ۾ ‘ڪاوش گروپ’ طرفان ‘ڪي ٽي اين انٽرٽينمينٽ’، ‘ڪي ٽي اين نيوز’ چينل کانسواءِ ميوزيڪل چينل ‘ڪشش ٽي. وي’ جو پڻ آغاز ڪيو. ڪي ٽي اين نيوز تان علي قاضي ‘اوپينين وٿ علي قاضي’ پروگرام ڪندو رهيو آهي، جنهن ۾ ملڪي صورتحال توڙي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن بابت تجزيا پيش ڪندو رهيو آهي. 2009ع ۾ هڪ اردو چينل ‘جيو ٽي. وي’ جي ميزبان شاهد مسعود پاران سنڌ سان تعلق رکندڙ تڏهوڪي پاڪستاني صدر آصف علي زرداريءَ جي ٻاهرئين ملڪ جي دؤري دوران سنڌي ٽوپي پائڻ تي ڪيل تنقيد جي موٽ ۾، علي قاضيءَ 6 ڊسمبر 2009ع تي ‘ٽوپي اجرڪ ڊي’ ملهائڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کي سنڌ سميت سڄيءَ دنيا ۾ وڏي جوش ۽ ولولي سان ملهايو ويو. سندس ڪوششن سان هر سال ڊسمبر مهيني جي پهرئين آچر تي ثقافتي ڏينهن طور ملهائڻ جي روايت قائم ٿي.
علي قاضيءَ جي مضمونن/ ڪالمن تي مشتمل هڪ ڪتاب ‘تبديلي پسندن جو ڪتاب’ 2010ع ۾ شايع ٿيو.
علي قاضيءَ، 2018ع ۾ ڪاوش گروپ جي روزاني ڪاوش حيدرآباد اخبار جي ايڊيٽر شپ ۽ ڪي. ٽي. اين. نيوز جي سي. اِي. او شپ تان استعيفا ڏئي پنهنجي سياسي پارٽيءَ ‘تبديلي پسند پارٽي’ جو بنياد وڌو ۽ صحافت کي الوداع چئي سياست ۾ باقاعدي پير پاتائين. سندس پارٽيءَ طرفان سنڌ جي مختلف تڪن تي اميدوار 2018ع جي عام اليڪشن ۾ چونڊ پڻ وڙهيا. علي قاضي 62 P.S حيدرآباد جي تڪ تان چونڊ وڙهيو، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو.


لفظ علي قاضيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو